سونهن سنسار جي

سونهن سنسار جي

سونهن سنسار جي

سونهن سنسار جي (ڪتاب): ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناليوارو اديب ۽ شاعر مشتاق بخاري آهي. هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ ڪل 33 نظم ڏنل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب ۽ شاعر ڪوثر ٻرڙي لکيو آهي، جڏهن ته سلطان بخاري، خليل عارف سومري، خالد ڀٽي ۽ ملهار سنڌيءَ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪ جي والد سيد غلام علي شاهه بخاري ۽ والده ماجده کي ڪيل آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل ناليواري اديب ادل سومري لکيو آهي. ڪتاب ۾ هر نظم جي مٿان اسڪيچ ڏنل آهي.
48 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت شاخ لونگاڻي، 2001ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو